قاضي قمرالدين

قاضي قمرالدين

قاضي قمرالدين

قاضي قمرالدين: ليکڪ ۽ اِنجينئر قاضي قمرالدين، ولد قاضي علي گوهر خان، 3 جون 1953ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. اِبتدائي ۽ ثانوي تعليم نئين ديري ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1974ع ۾ ’سنڌ يونيورسٽي اِنجينئرنگ ڪاليج ڄامشوري‘ مان اِليڪٽريڪل اِنجينئر جي ڊگري حاصل ڪئي، جڏهن ته 1986ع ۾ ’اين. ٽي. ٽي اِنسٽيٽيوٽ ٽوڪيو، جاپان‘ مان پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما جو ڪورس ڪيو. 1975ع کان ’پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لميٽڊ‘ (PTCL) ۾ جونئر اِنجينئر کان جنرل مئنيجر تائين مختلف عھدن تي رهندي، سال 2008ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي. هن 1978ع کان لِکڻ جي شروعات اَخباري ڪالمن کان ڪئي. سندس لِکڻ جو موضوع اَدب ۽ تاريخ آهن. تاريخ جي حوالي سان شھر نئين ديري بابت سندس ڪتاب ’نئون ديرو، نوان پُراڻا ورق‘ جي نالي سان ڇپجي چُڪو آهي. هن وقت ’سيلف ايمپلوائڊ ٽيليڪام پروفيشنل‘ ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ سان وابسته آهي، جڏهن ته ’ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي‘ جي ’بورڊ آف گورنرس‘ جو ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.03  عيسوي

ليکڪ ۽ اِنجينئر قاضي قمرالدين، ولد قاضي علي گوهر خان، 3 جون 1953ع تي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
قاسم پٿر
شيخ پريو
عبدالغفار صديقي
ڀانيرا بابا پيارا سنگهه
سراج الدين شاهه
حافظ عبدالڪريم پهوڙ
ٽالپر مير شير محمد خان
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
ٽوبياس مائيڪل ڪارل ايسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون